دلائل الخيرات

دلائل الخيرات

دلائل الخيرات

دلائل الخيرات (ڪتاب): درود شريف جي مستند صحيفن تي مشتمل مقبول ڪتاب نامور عالم دين ابو عبدالله سيد محمد بن سليمان جزولي رح جو تحرير ڪيل آهي. هن ڪتاب جو سنڌي مترجم علامه عبدالوحيد جان سرهندي فاروقي آهي. ڪتاب جو مقدمو مترجم جو لکيل آهي، جنهن ۾ مصنف جي سوانح حيات تحرير ڪيل آهي. ’دلائل الخيرات‘ ڪتاب پڙهڻ جي اجازت درگاهه مجدديه ٽنڊي سائينداد جي سجاده نشين ۽ مترجم جي والد آغا عبدالحميد جان سرهندي مجدديءَ طرفان سڀني مريدن، مخلصن ۽ عام مسلمانن کي ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ الله الحسنيٰ'>اسماءُ الله الحسنيٰ، افتتاحي دعا، درود شريف جون فضيلتون، اسماءُ النبي الڪريم صلي الله عليه وسلم، دلائل الخيرات پڙهڻ جي نيت ۽ روضئه الطهر جي تعريف (صفة الروضة) شامل آهن. مترجم دلائل الخيرات کي اٺن حصن ۾ ورهايو آهي، جنهن جو پهريون حصو جمعي جي ڏينهن، ٻيو حصو ڇنڇر جي ڏينهن، ٽيون حصو آچر جي ڏينهن، چوٿون حصو سومر جي ڏينهن، پنجون حصو اڱاري جي ڏينهن، ڇهون حصو اربعا جي ڏينهن، ستون ۽ اٺون حصو خميس جي ڏينهن اختتامي دعا سان گڏ پڙهڻ جي باري ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ مشهور ’قصيده برده شريف‘ به ترجمي سان شامل ڪيو ويو آهي. چار رنگي ٽائٽل سان ڊيمي سائيز جي 346 صفحن جو پڪي جلد وارو هي ڪتاب، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2009ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 180 روپيا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو آهي.


لفظ دلائل الخيراتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو